دراني آغا عطا محمد

دراني، آغا عطا محمد: نامور سياستدان آغا عطا محمد خان ولد خانبهادر جان محمد خان دراني، 27 جولاءِ 1925ع تي سلطان ڪوٽ، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ سينٽ ڪيمبرج اسڪول سکر مان ڪرڻ بعد انٽر ڪيمبرج اسڪول لاهور مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ 1943ع ۾ سينيئر ايف. سي. ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتائين. ڪلاس ۾ هميـشـه پهـريـن پوزيشن حاصل ڪيائين. 1948ع ۾ سينيئر ايف. سي. ڪالج لاهور مان سينيئر ڪيمبرج جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان، مُلڪ جي سلامتيءَ لاءِ نيشنل گارڊ اسڪيم جو قيام عمل ۾ آندو ته کيس ميجر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت بعد ميجر جي عهدي تان استعيفا ڏئي والد سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتائين. 1966ع ڌاري عملي سياست ۾ پير پاتائين ۽ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺي سلطان ڪوٽ يونين ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو. 1985ع جي چونڊن ۾ ڳڙهي ياسين جي تڪ اين. اي-155 تان ڪامياب ٿي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. آغا عطامحمد خان جي خداداد صلاحيتن کي ڏسندي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽريٽ کي خطاب ڪرڻ دوران ٽئين ڏينهن جي اجلاس کي آغا عطا محمد خان کان خطاب ڪرايو. هيءُ محمد خان جوڻيجي جي حڪومتي دؤر ۾ ريلوي کاتي جو مملڪتي وزير رهيو. کيس سياست سان گڏوگڏ راندين سان به لڳاءُ هو ۽ بهترين رانديگر به هو. هن راندين جي پاڪستاني وفدن جي عرب امارات، آسٽريليا، جپان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ نمائندگي ڪئي. آغا عطا محمد دراني فوٽ بال ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو مرڪزي صدر به رهيو. هن راندين سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو ورتو. 1959ع کان وٺي ڪيترا سال مفت طبي ڪئمپون لڳرايائين. مفت طبي ڪئمپ جي شروعات مديجي شهر کان ڪيائين. آغا عطا محمد 1977ع ۾ ريڊ ڪراس سکر جو سيڪريٽري ۽ 1979ع ۾ ريڊ ڪراس سکر جو صدر مقرر ٿيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن غريب ۽ هوشيار شاگردن جي اعليٰ تعليم لاءِ وظيفا مقرر ڪيا ۽ ٻهراڙين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪيترا ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ اسڪول قائم ڪرايا. هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجليءَ جي سهولت ۽ روڊ رستا پڪا ڪرائڻ، اسپتالون ٺهرائڻ، توڙي بيروزگارن کي روزگار سان لڳرائڻ جهڙا سماجي ڪم ڪيا. هن سڄي زندگي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. آغا عطا محمد خان دراني، 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.07.27  عيسوي

نامور سياستدان آغا عطا محمد خان ولد خانبهادر جان محمد خان دراني، 27 جولاءِ 1925ع تي سلطان ڪوٽ، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1996.03.16  عيسوي

آغا عطا محمد خان دراني، 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انڍڙ رفيق احمد
سرهيو خدا داد
ٻلديو نندلال ڪالرو
حافظ محمود اسعد هاليجوي
جعفري، علي مظهر
شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
انجنيئرعبدالوهاب سهتو
ڀنڊ نظير احمد
سجاد علي شاهه جسٽس
سيد نذر محمد شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون